ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ باهه ڏئي ساڙيل نوجوان اسپتال ۾دم ڏئي ڇڏيو. رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾2 ڏينهن اڳ 19 ورهين جي ذيشان کي باهه ڏئي ساڙيو ويو هو، پيٽرول هاري باهه ڏيڻ سبب حالت خراب ٿي وئي، ٻن ڏينهن بعد اسپتال ۾ دم ڏنو، نوجوان جي والد موجب ذيشان ڇوڪري سان شادي ڪرڻ چاهي پيو،گهر ڀاتين ڳرا شرط رکيا هئا، انهن 4 لک رپيا حق مهر ۽ 5 لک سونن زيورن جي گهر ڪئي هئي. ذيشان پوليس کي بيان ڏنو ته ذينت نالي ڇوڪري 27 تاريخ تي فون ڪري اورنگي گهرايو هو، جڏهن اتي پهتس ته سندس ڀائرن ۽ مڙس مون کي تشدد جو نشانو بڻايو بعد ۾ پيٽرول هاري باهه ڏني.
