مزار شريف (ويب ڊيسڪ) طالبان جي اقتدار ۾افغان عوام لاءِ پي آءِ اي جو پهريون امدادي مشن شروع ٿي ويو.پي آءِ اي جو جهاز مزار شريف پهچي ويو آهي. رپورٽ موجب پي آءِ اي جو خصوصي جهاز دوائون ۽ سامان کڻي مزار شريف شهر پهچي ويو آهي، اها انساني امداد ۾عالمي ڪوششن جو حصو آهي:، افغان ڀائرن جي مدد جي لاءِ افغانستان پهچندڙ اها پهرين امدادي فلائيٽ آهي.
