119

پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 13 سيپٽمبر تي گهرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 13 سيپٽمبر تي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم جي پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 13 سيپٽمبر تي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ صدر مملڪت خطاب ڪندو، قانونسازي بابت معاملن تي خيالن جي  ڏي وٺ ٿيندي. پارليامينٽ سال جي شروعات صدر جي انهي خطاب سان ٿيندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو