ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان جي سپريم ليڊر ملا هيبت الله جي هن وقت افغانستان ۾ موجود هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. طالبان نائب صدر ترجمان بلال ڪريمي چيو آهي ته اهو افغانستان ۾ موجود آهي،جلد عوام آڏو ايندو، هيبت الله اخوند زاده کي 2016ع ۾ طالبان جو امير مقرر ڪيو ويو هو، جڏهن ته هن وقت تائين سندس رڳو هڪ تصوير ئي منظر عام تي آئي آهي.
