اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نور مقدم ڪيس ۾ جوابدار جي جڊيشل رمانڊ ۾ 6 سيپٽمبر تائين واڌ ڪئي وئي آهي. رپورٽ موجب اسلام آباد جي عدالت ۾ نور مقدم ڪيس ۾ مرڪزي جوابدار ظاهر جعفر کي پيش ڪيو ويو، پوليس رمانڊ جي درخواست ڏني، عدالت پوليس جي درخواست تي جوابدار جي رمانڊ ۾6 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.
