لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ عورتن جي ڪالز تي 15 منٽن ۾پوليس ريسپانس کي يقيني بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب آءِ جي پنجاب انعام غني صوبي جي سمورن ضلعن کي اهڙيون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته سڀني ضلعن ۾اينٽي وومين هراسمينٽ اينڊ وائلنس سيل قائم ڪرڻ جو پڻ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي، آءِ جي موجب عورتن بابت ڏوهه کي روڪڻ ۽ ڪيسن جي ميرٽ تي جاچ يقيني بڻائي وڃي.
