114

طالبان افغانستان ۾ هر قسم جي منشيات جي ڪاروبار تي پابندي هڻي ڇڏي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) طالبان افغانستان ۾ هر قسم جي منشيات جي ڪاروبار تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب واشنگٽن پوسٽ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته طالبان افغانستان ۾ هر قسم جي منشيات تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، جڏهن ته آفيم جي پوک تي پڻ پابندي هنئي وئي آهي. ان حوالي سان طالبان ترجمان زبيح الله مجاهد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پهرين مرحلي ۾ آفيم جي پوک تي پابندي هنئي وئي آهي، نئين قانون تحت اسان منشيات جي واپار جي ڪنهن به صورت ۾اجازت نه ڏينداسين.هن چيو ته منشيات جي ٻين قسمن جي ڪاروبار تي پڻ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو