ڪابل (ويب ڊيسڪ) طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته اسان آمريڪا ۽ دنيا سان بهتر لاڳاپن جا خواهشمند آهيون ۽ اسان سڀني سان سٺن سفارتي لاڳاپن جي آجيان ڪريون ٿا. رپورٽ ڪابل ايئرپورٽ جي رن وي تي ڳالهائيندي هن اهڙي قسم جي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ افغان عوام کي مبارڪباد ڏني. افغانستان مان 20 سالن کانپوءِ آمريڪي فوج جي نڪرڻ تي افغان عوام کي مبارڪباد ڏيندي هن چيو ته ان ڪاميابي جو سڄو ڪريڊٽ اسان جو آهي.
