130

افغانستان جو امن پاڪستان جو امن آهي: حافظ طاهر محمود اشرفي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بين المذاهب هم آهنگي بابت وزيراعظم جي خاص معاون حافظ طاهر محمود اشرفي افغان قوم کي پرڏيهي فوج جي نڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن دُعا ڪئي ته رب پاڪ ان عظيم ڪاميابي کي افغانستان ۽ ان خطي ۽ عالم اسلام لاءِ مبارڪن وارو بڻائي. هن چيو ته پاڪستاني قوم جو واضح پيغام آهي ته افغانستان جو امن پاڪستان جو امن آهي. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ ڀارت ۽ ان جا ساٿاري ڪابل مان فرار ٿي چڪا آهن، منهنجي ملڪ تي دهشتگرديءَ جي جنگ مڙهيندڙ کي ڪٿي پناهه به ناهي ملي رهي، امر الله صالح لاءِ اڄ افغان ڌرتي سندس تنگ ٿي چڪي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو