پشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور بس ريپڊ ٽرانزٽ کي سال دوران هڪ ارب 88 ڪروڙ رپين جو خسارو ٿيو آهي. رپورٽ موجب بي آر ٽي کي ٽن سالن ۾ مجموعي طور تي 4 ارب 67 ڪروڙ 33 لک نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال دوران بي آر ٽي کي 2 ارب 79 ڪروڙ رپين جي خساري جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، ٽرانسپورٽ وارو صوبائي وزير شاهه محمد وزير چيو آهي ته خساري جو سبب بسن جو گهٽ ڪرايو رکڻ هو.
