121

اي سي سي پاران ڪورونا ويڪسين ۽ ڪنٽومينٽ بورڊ جي چونڊن لاءِ گرانٽس جي منظوري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪاميٽي (اي سي سي)ڪورونا ويڪسين جي خريداري ۽ ڪنٽومينٽ بورڊ جي چونڊن لاءِ گرانٽس جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. رپورٽ موجب اقتصادي رابطا ڪاميٽي اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي سربراهي ۾ ٿيو، مختلف فنڊن ۽ گرانٽس جي منظوري ڏني وئي آهي، ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ 50 ارب کان وڌيڪ گرانٽس جي منظوري،ايشيائي ترقياتي بئنڪ جا فنڊ به شامل هوندا، ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان کي ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏني هئي، روز ويلٽ هوٽل نيويارڪ جي مالي مسئلن لاءِ هڪ ڪروڙ ۽ ڪنٽومينٽ بورڊ چونڊن لاءِ 21 ڪروڙ 50 لک جي منظوري ڏني وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو