111

ڏکڻ وزيرستان ۾ ڌماڪو، پاڪ فوج جو جوان شهيد، مستونگ ۾ 11 دهشتگرد مارجي ويا

ڏکڻ وزيرستان (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان ۾ ڌماڪو،پاڪ فوج جو جوان شهيد،مستونگ ۾11 دهشتگرد مارجي ويا آهن، رپورٽ موجب ڏکڻ وزيرستان ۾ آسمان منزا علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران بارودي سرنگهه جو ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 25 ورهين جو سپاهي واجد شهيد ٿي ويو آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو آهي، مستونگ ۾ سي ٽي ڊي دهشتگردن خلاف آپريشن ڪيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 11 مبينا دهشتگرد مارجي ويا آهن، دهشتگردن جي ڪنٽرول هيٺ علائقي مان هٿيار، بارودي مواد هٿ ڪيو ويو، علائقي ۾سرچ آپريشن پڻ ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو