116

ڪورونا جي چوٿين لهر وڌي وئي،هڪ ڏينهن ۾118 ڄڻا فوت،338 نوان ڪيس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر وڌي وئي،هڪ ڏينهن ۾118 ڄڻا فوت،338 نوان ڪيس ظاهر. رپورٽ موجب ملڪ ۾گذريل 24 ڪلاڪن دوران پازيٽو ڪيسن جي شرح 7.36 سيڪڙو رهي،ڪيس تيزي سان وڌي رهيا آهن، جڏهن ته لاهور ۾شاپنگ مالز ۾بغير ويڪسين جي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو،هر هنڌ تي چيڪنگ ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف سنڌ ۾ڪيس وڌي ويا،35 مريض فوت ٿي ويا، جڏهن ته 932 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، آهن،867 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي،   ڪراچي ۾437،حيدرآباد ۾120، شهيد بينظير آباد ۾49، بدين ۾45،سانگهڙ ۾44 ۽ سجاول ۾33ڪيس پازيٽو آيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو