راڻيپور (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڻيءَ جي کوٽ باوجود چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند وهائڻ سنڌ واسين سان سخت زيادتي آهي آواز اٿاريندارهنداسين، درياهن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ضرور آهي پر موجود پاڻيءَ جي ورڇ برابريءَ جي بنياد تي ڪري سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي ته جيئن بحران کان بچي سگهجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار راڻيپور ۾ جيلاني هائوس تي ايم اين اي پير سيد فضل علي شاهه جيلاني ۽ ايم پي اي پير سيد احمد رضا شاهه عرف پيار علي شاهه سان سندن ڀاءُ پير رفيق احمد شاهه جي لاڏاڻي تي عذرخواهي ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڻيءَ جي کوٽ سنڌ جي عوام سان زيادتي آهي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ اسان جو ڪيس پيو آهي ته پاڻي جي ورڇ رڪارڊ مطابق نه ٿي رهي آهي ۽ اٽارني جنرل جي رپورٽ ۾ به چيو ويو آهي ته پاڻي ورڇ جي باري ۾ لاڳو قانون ۽ ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. وڏي وزير چيو ته هن وقت سنڌ ۾ پاڻيءَ جو سخت بحران آهي، فصل تيار آهن جن کي پاڻي نه پيو ملي ايسيتائين جو ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي نه ملي رهيو آهي، ڪراچيءَ ۾ پاڻي جو وڏو بحران پيدا ٿيڻ وارو آهي، عمرڪوٽ جي چوٽياريون رزر وائر ۾ پاڻي ناهي ۽ سڄو علائقو پاڻي لاءِ تڙپندو ساڳئي وقت وفاق وارا چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند وهائي رهيا آهن اها سخت زيادتي آهي پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت آئون پاڻي ۽ آبپاشي وارو وزير ڄام خان شورو ان معاملي روزانو جي بنياد تي آواز اٿاري رهيا آهيون، هن وقت حالتون پاڻي جي معاملي تي سنگين آهن ۽ وفاقي حڪومت آڏو آواز اٿاريندا رهنداسين، درياهن ۾ پاڻي جي کوٽ ضرور آهي پر جيڪو پاڻي موجود آهي اُن جي ورڇ برابري جي بنياد تي ڪري سنڌ واسين کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. افغان پناهگيرن جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته افغان پناهگيرن کي سنڌ ۾ ترسائڻ واري خبر ۾ صداقت ناهي، ڪورونا ايتري ناهي ڦهلي جيتريون غلط خبرون ڦهلجي وينديون آهن، ان سلسلي ۾ وفاق طرفان آفيشل طور ڪڏهن به آگاهه ناهي ڪيو ويو هڪ ڳالهه ٿي هئي جنهن تي اسان بدامني ۽ پهريان جهڙي صورتحال پيدا نه ٿيڻ جي خاطري بابت ڳالهايو هو، سنڌ حڪومت هڪ ذميوار حڪومت آهي ان سلسلي ۾ فيصلو امن امان ۽ ٻيا معاملا ڏسي پوءِ ڪيو ويندو ان معاملي تي وفاقي حڪومت سان مڪمل رابطي ۾ آهيون. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت پاران هر تڪ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا پيا وڃن ۽ راڻيپور واري تڪ ۾ هن وقت ڏيڍ ارب روپين جا ترقياتي ڪم ٿي رهيا آهن، ضلعي ۾ وڌيڪ ترقياتي اسڪيمون ڏنيون وينديون. وڏي وزير چيو ته سنڌ پوليس جون پگهارون ٻين صوبن کان گهٽ نه هونديون ان کي يقيني بڻايو ويندو، ان موقعي تي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا، صلاحڪار امتياز احمد شيخ، ايم اين اي سيد جاويد علي شاهه جيلاني، صوبائي صلاحڪار نواب خان وساڻ، ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر، ڊي آءِ جي سکر فداحسين مستوئي، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور راجا طارق چانڊيو، ايس ايس پي خيرپور ظفر اقبال ملڪ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.
