128

افغان عوام سان يڪجهتي جو اظهار،جيڪو ڪري سگهياسين اهو ڪنداسين: وفاقي ڪابينا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا افغان عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته افغانستان جي عوام لاءِ جيڪو ڪري سگهياسين اهو ڪنداسين. رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، افغان صورتحال ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو، وفاقي وزير فواد چوڌري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته افغان عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيون ٿا، دعاگو آهيون ته امن ۽ استحڪام جو سج اڀري، افغانستان ۾ حڪومت ٺاهڻ عوام جو حق آهي، دنيا پرڏيهين کي ڪڍڻ ۾پاڪستان جي ڪردار کي تمام گهڻو ساراهيو آهي، عدالت شهباز شريف خلاف جيڪڏهن روز ڪيس ٻڌي ته هو جيل ۾ هوندو، ماضي جي حڪومتن ادارا تباهه ڪيا هئا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو