126

پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس: اپوزيشن پاران حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اپوزيشن پاران حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب پارلياماني سال مڪمل ٿيڻ تي پهرين سيپٽمبر تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، صدر مملڪت خطاب ڪندو، اپوزيشن صدر مملڪت جي خطاب دوران ايوان ۾ شديد احتجاج ڪندي، ٽن سالن جي حڪومتي ڪارڪردگي کان عوام کي آگاهه ڪيو ويندو، جڏهن ته اجلاس کان اڳ سمورين اپوزيشن جماعتن جي مشاورت ٿيندي، پي ڊي ايم کانسواءِ پيپلزپارٽي، اي اين پي ۽ آزاد ميمبرن سان به مشورا ٿيندا، حڪومت به اپوزيشن جي متوقع احتجاج تي جوابي حڪمت عملي تيار ڪندي، اسپيڪر اسد قيصر حڪومتي ميمبرن سان مشورا ڪيا ويندا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو