اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته افغانستان مان نڪرڻ دوران نيٽو ۽ ان سان لاڳاپيل 10 هزار ماڻهو پاڪستان آيا هئا، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته انهن مان 9 هزار 36 لاڳاپيل ملڪن ڏانهن واپس هليا ويا، رهيل ماڻهو به جلد واپس موٽي ويندا.
