اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي سربراهي ۾ ايگزيڪيوٽو بروڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 17 ڪيسن جي منظوري ڏني وئي، جنهن ۾ جعلي بئنڪ اڪائونٽ اسڪينڊل ۾پبلڪ آفيس هولڊرز، ليگل پرسنز ۽ ٻين جي خلاف 10 انڪوائرين جي منظوري ڏني وئي، او جي ڊي سي ايل جي آفيسرن، اهلڪارن پي آءِ اي جي اڳوڻي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ ٻين جي خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي جسٽس ر جاويد اقبال چيو ته جعلي اڪائونٽس اختيارن جو ناجائز استعمال ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جا ڪيس به انجام تي پهچنداسين، غير قانوني هائوسنگ سوسائٽيز ۽ مضاربه اسڪيندل جا جوابدار قانون کان بچي نه سگهندا،
