134

سعودي ۾ جوهي واسي پورهيت جو سندس ئي ڪمري مان لاش هٿ

جوهي (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي شھر جده ۾ جوهي واسي پورهيت 40 سالا قربان علي ولد واحد بخش لغاري جو لاش سندس ئي ڪمري مان هٿ آيو آھي، جنهن جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ جده جي اسپتال مستشفيٰ ملڪ عبدالعزيز نيو ويو، جتي پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪارروائي ۽ تدفين لاءِ ڪاغذ مڪمل ٿيڻ تائين سردخاني ۾ رکيو ويو آھي، جوهي ويجهو ڳوٺ ٻاجهي لغاري واسي پورهيت نوجوان گذريل 7 سالن کان سعودي عرب جي شھر جده ۾ اتان جي هڪ عرب جي بلڊنگ ۾ چوڪيدار هيو، سندس فوتگي جي خبر گهر پهچڻ سان ئي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، ڳوٺ ۾ سوڳوار ماحول ٿي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو