103

لاوارث حالت ۾ هٿ آيل معصوم ٻارڙي ۽ هنج ورتل شخص عدالت پيش

ڏھرڪي (ويب ڊيسڪ) ڏهرڪي پوليس لاوارث حالت ۾ هٿ آيل معصوم ٻارڙي ۽ کيس هنج ورتل شخص کي ڏهرڪي جي عدالت ۾ پيش ڪيو، ٻارڙي کي هنج وٺڻ لاءِ 10 ڄڻن عدالت ۾ درخوست جمع ڪرائي ڇڏي، ڏھرڪي جي جونگ ڪالوني مان ٻه ڏينهن اڳ گٽر واري کوھه تان ھٿ آيل معصوم ٻارڙي ۽ کيس ھنج وٺندڙ عبدالغني کي ڏھرڪي پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو، ان موقعي تي لاوارث ھٿ آيل معصوم ٻارڙي کي ھنج وٺڻ لاءِ ڪراچي واسي محمد راحيل انصاري ۽ ڏھرڪي تعلقي سان تعلق رکندڙ غني ڀٽي، محمد اعظم ڪلوڙ، گجن ٻرڙو، پرويز احمد ۽ عابد لغاري سميت 10 ماڻهن ڏھرڪي جي سول ڪورٽ ۾ درخواستون جمع ڪرايون ته معصوم ٻارڙي کي اسان جي حوالي ڪيو وڃي، اسين ان جي بھتر نموني پرورش ڪنداسين، جنهن بعد ڏھرڪي جي عدالت سڳوري اھڙيون درخواستون وصول ٿيڻ بعد ٻڌڻي ملتوي ڪندي معصوم ٻارڙي ۽ درخواستگذارن کي اڄ طلب ڪري ورتو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو