اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب پيٽرول ڏيڍ رپيو سستو نئين قيمت 118 رپيا 30 پئسا، ڊيزل ڏيڍ رپيو سستي نئين قيمت 115 رپيا 3 پئسا ٿي وئي آهي، جڏهن ته لائيٽ ڊيزل هڪ رپيو سستي، نئين قيمت 44 رپيا 77 پئسا، گاسليٽ ڏيڍ رپيا سستو ٿي ويو، نئين قيمت 86 رپيا 80 پئسا مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رات 12 وڳي کان 15 ڏينهن جي لاءِ نيون قيمتون لاڳو ڪيون ويون، ناڻي واري وزارت ان جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
