164

پي ڊي ايم وارا منجهيل آهن، سندن نيت صاف آهي ته پهرين استعفا ڏين ۽ پوءِ لانگ مارچ شروع ڪن: پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو

ڪنڌڪوٽ (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمئن بلاول ڀٽو چيو آهي ته پي ڊي ايم وارا منجهيل آهن، سندن نيت صاف آهي ته پهرين استعفا ڏين ۽ پوءِ لانگ مارچ  شروع ڪن.  ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مخالف ڌر سنجيده آهي ته پهرين پنجاب جي وڏي وزير  بزدار ۽ پوءِ وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻي. پي ڊي ايم اسان جو ساٿ ڏي ۽ اسان جي مشورن سان هلي ته ڪاميابي ماڻيندي، اڳ به مشورن تي هلي ته ڪاميابي پڻ ماڻي. جڏهن مخالف ڌر اسيمبلين مان استعفا ڏيڻ ۽ سينٽ جي چونڊن جي بائيڪاٽ جي ڳالهھ ڪئي ته اسان انهن کي روڪيو ۽ سينيٽ توڙي ننڍي چونڊ ۾ڪامياب ٿي وياسين. جيڪڏهن مخالف ڌر سنجيده آهي ته پهرين پنجاب جي وڏي وزير  بزدار ۽ پوءِ وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ آڻي. پي ڊي ايم اسان جو ساٿ ڏي ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي خلاف بي اعتمادي آڻي، جيڪڏهن اهي ايئن نه ٿا ڪن ۽ نه استعفا ٿا ڏين ته پوءِ عوام پاڻ کين سڃاڻي وٺندو  پاڪستان جو عوام سمجهي ٿو ته پ پ پ ئي عوام دوست ۽ پاڪستان جي وفادار پارٽي آھي. هن وڌيڪ چيو ته سياسي سرگرمين سان حڪومت کي نقصان پهچڻ گهرجي پر پي ڊي ايم وارن عوام توڙي اسان جو وقت وڃايو، اسان جو مطالبو آهي ته جلد ئي شفاف چونڊون ڪرايون وڃن. پيپلز پارٽي هميشه اليڪشن لاءِ تيار آھي پر ايندڙ اليڪشن صاف شفاف ٿيڻ گهرجي. بلاول ڀٽو چيو ته جڏهن مخالف ڌر اسيمبلين مان استعفا ڏيڻ ۽ سينٽ جي چونڊن جي بائيڪاٽ جي ڳالهھ ڪئي ته اسان انهن کي روڪيو ۽ سينيٽ چونڊن ۾ ڪامياب ٿي وياسين، ان کان علاوه  ضمني چونڊن ۾ به سوڀارا ٿياسين. پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي پارٽي آھي اسان کي ايئرڪنڊيشن ڪمرن کان نڪري عوام جي ڏک سک ۾ شامل رهڻو آھي. پيپلز پارٽي هميشه اليڪشن لاءِ تيار آھي پر ايندڙ اليڪشن صاف شفاف ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن واري کاتي کي وڌيڪ متحرڪ ٿيڻو پوندو جيئن ڪرپشن روڪي سگهجن. سندن چوڻ ھو ته آئين پاڪستان اسان کي اهو حق ڏنو آھي ته جتان معدنيات ملي ٿي سڀ کان پهرين ان تي اتان جي عوام جو حق آھي.عمران خان جي حڪومت پهرين ۽ آخري حڪومت آھي ڇو ته هن حڪومت ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري عروج تي آھي.هڪ سوال جي جواب ۾ سندن چوڻ ھو ته جيڪڏهن پي ڊي ايم لانگ مارچ جو اعلان ڪري ٿي ته اسان سندن ساٿ ڏينداسين. پاڪستان جي عوام سمجهي ٿو ته پ پ پ ئي عوام دوست ۽ پاڪستان جي وفادار پارٽي آھي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسين هر ضلعي کي گرانٽ ڏيون ٿا ڪشمور جي روڊ رستن جي حالت بلڪل خراب آھي. ڪشمور ڪيڊٽ ڪاليج جو جلد اچي افتتاح ڪندس.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو