اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ايف اي ٽي ايف جو 27هون شرط به پورو ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت ملڪيت جي خريد ۽ وڪرو بئنڪ ذريعي لازمي قرار ڏئي ڇڏي آهي، خانگي ٽي وي رپورٽ موجب ملڪيت جي خريد ۽ وڪرو رڳو ايف بي آر ۾ رجسٽرڊ پراپرٽي ڊيلر ذريعي ٿيندي، جڏهن ته پئسا روڪ ڏيڻ جي بدران بئنڪ اڪائونٽ مان ڏيڻ کي لازمي قرار ڏنو ويو، پراپرٽي ڊيلر ايف بي آر جي ايپليڪيشن ذريعي ملڪيت خريد ۽ وڪرو ڪندا
