ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو وفاقي حڪومت طرفان پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) بل کي رد ڪندي چيو آهي ته سرڪاري ملازمن جي هڪ ڪاميٽي کي پوري ميڊيا جو مالڪ ۽ مختيار بڻائڻ ڪنهن به صورت ۾ منظور ناهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل ڪراچي مان جاري ڪيل بيان ۾ پي پي چيئرمين چيو آهي ته حڪومت ميڊيا ٽربيونل جي قيام سان پاڻ تي تنقيد ڪندڙن جي آواز کي دٻائڻ چاهي ٿي. پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو بل ملڪ ۾ آزاد صحافت جو خاتمو ڪري ڇڏيندي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي پي ايم ڊي اي جي قيام جي هر صورت ۾ ۽ هر سطح تي مخالفت ڪندي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي بل جي منظوري خلاف جدوجهد ۾ صحافي برادري سان گڏ بيٺل آهيان. پاڪستان پيپلز پارٽي پي ايم ڊي اي جي ڪاري قانون خلاف صحافين جي احتجاج ۾ شريڪ هوندي. هن چيو ته حڪومت پنهنجي نااهلي ۽ ڪرپشن بي نقاب ٿيڻ سبب ميڊيا تي پابنديون لڳائڻ چاهي ٿي.
108