130

پورهيتن جي 25 هزار پگهار مقرر ڪرڻ بابت درخواستون گڏ پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار رپيا پگهار مقرر ڪرڻ خلاف صنعتڪارن پاران داخل ڪيل درخواست ۾ پورهيتن جي تنظيمن کي ڌر بڻجڻ جي منظوري ڏيندي ڄاڻايل معاملي تي داخل ڪيل سمورين درخواستن کي گڏيل ٻڌڻي لاءِ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه مختلف فيڪٽري مالڪن پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه ڄاڻايل ڪيس جي ٻڌڻي دوران مختلف پورهيت يونينز ۽ ٻين غير سرڪاري تنظيمن پڻ ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ لاءِ درخواستون پيش ڪيون جيڪي عدالت منظور ڪندي چيو ته ڄاڻايل معاملي تي سموريون درخواستون گڏيل ٻڌڻي لاءِ پيش ڪيون وڃن ته جيئن قانوني پيچيدگين کان بچي سگهجي جنهن بعد عدالت ڄاڻايل درخواست جي ٻڌڻي 2 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. مختلف صنعتي ادارن پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته پورهيتن جي گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار رپيا مقرر ڪرڻ غير منصفاڻو فيصلو آهي. خانگي ادارا 17500 کان 19000 رپيا پگهار ڏيڻ لاءِ تيار هئا جڏهن ته پگهارن ۾ 43 سيڪڙو اضافي جو ڪو به قانوني جواز ناهي. ڪالهه ورڪرز يونين جا نمائندا پڻ درخواست ۾ ڌر ٿيڻ لاءِ عدالت پهچي ويا. ان موقعي تي ٽريڊ يونين جي اڳواڻ لياقت ساهي عدالت کي ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ ٿرڊ پارٽي ذريعي ملازمن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي. هن عدالت کي گذارش ڪئي ته پرائيويٽ صنعتن کان ملازمن جي سوشل سيڪيورٽي ۽ پگهار جو رڪارڊ طلب ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو