133

گورنر عمران اسماعيل سان آمريڪا جي نئين قونصل جنرل جي ملاقات

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ڪالهه آمريڪا جي پاڪستان ۾ نئين مقرر ٿيل قونصل جنرل مارڪ اسٽرو گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران آمريڪا جو ڊپٽي قونصل جنرل ميٿوو فرينس ۽ پوليٽيڪل اڪنامڪ چيف پڻ موجود هو. ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا تعلقات، ڪشمير توڙي افغانستان جي صورتحال، سيڙپڪاري ۽ ٻين دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گورنر چيو ته پاڪستان جي معاشي حب ڪراچي سيڙپڪاري لاءِ آئيڊيل شهر آهي موجوده حڪومت ۾ پاڪستان ترقي جي صحيح رخ طرف گامزن آهي. گورنر چيو ته وزيراعظم عمران خان جي ڪووڊ 19 تي پاليسي ۽ معاشي سرگرمين وچ ۾ توازن لاءِ کنيل قدمن کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو آهي. ان قومي تي آمريڪي قونصل جنرل چيو ته موثر سفارتڪاري ذريعي پائيدار امن، خوشحالي ۽ گڏيل مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي سيڙپڪاري، معاشي تعاون کي هٿي وٺرائڻ ۽ ڪرونا وبا جي تدارڪ جي ڏس ۾ قدمن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو