ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت پرڏيهي عورت کي جعلي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي ڪيس ۾ گرفتار نادرا جي ڊپٽي سپرينٽينڊنٽ گلفام بروهي کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ايف آءِ اي پاران ڄاڻايل جوابدار کي پيش ڪرڻ تي ڏنو. عدالت ايف آءِ اي جي جاچ آفيسر کي ڄاڻايل ڪيس جي جاچ مڪمل ڪري چالان پيش ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. ايف آءِ اي موجب ڄاڻايل جوابدار ٻين ساٿين جي مدد سان 58 سالن جي پرڏيهي عورت فاطمه کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيو جنهن تي ايف آءِ اي ڪارروائي ڪري کيس گرفتار ڪيو. ايف آءِ اي موجب جعلي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ وارن ڪيسن ۾ هن وقت تائين 17 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
