ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارشد حسين خان تي ٻڌل ڊويزن بئنچ عدالتي حڪم باوجود ايف بي ايريا قبائل ڪالوني ۾ گهر مسمار ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي بلديات کاتي جي سيڪريٽري، ڪراچي جي ڪمشنر، اينٽي انڪروچمينٽ جي ڊائريڪٽر ۽ ٻين کي 20 سيپٽمبر تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ايف بي اريا جي رهواسين پاران داخل ڪيل توهين عدالت جي درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه ٻڌڻي دوران جسٽس ارشد حسين خان رمارڪس ڏيندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته عدالتي حڪم باوجود ليز ٿيل گهرن کي ڇو ڊاهيو ويو؟ ان موقعي تي عدالت نالي تي آپريشن واري معاملي تي وفاقي حڪومت جي رويي تي پڻ ناراضگي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي اٽارني جنرل ڪاشف پراچا چيو ته ڪيس ۾ اسسٽنٽ اٽارني جنرل انور ڪمال پيش ٿيندو آهي جنهن تي عدالت چيو ته ڪير به پيش ٿئي پر تفصيل ته عدالت جي آڏو رکڻ گهرجن. ان موقعي تي درخواستگذارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڊاٿل گهر گجر نالي جي حدن ۾ نه ٿا اچن جڏهن ته سپريم ڪورٽ صرف حددخلين خلاف آپريشن جو حڪم ڏنو هو پر هتي سروي آف پاڪستان کان ڪليئر ٿيل گهرن کي مسمار ڪيو پيو وڃي.
