146

سنڌ حڪومت پاران 20 گريڊ جي ڪامورن جون مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پاران 20هين گريڊ جي ڪامورن جون مقرريون ۽ بدليون ڪيون ويون آهن، معذورن جي ڀلائي واري کاتي جي سيڪريٽري پرويز سيهڙ کي بدلي ڪري بورڊ آف روينيو (ڳوٺ آباد) ۾  ميمبر مقررڪيو ويو آهي، ايم ڊي سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جاويد صبغت الله کي بدلي ڪري کيس هيومن رائيٽس کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو جتان ناصر اقبال ملڪ کي بدلي ڪري گهرو کاتي ۾ اسپيشل سيڪريٽري (جيل ) مقرر ڪيو ويو آهي. صحت کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري اختر بگٽي کي بدلي ڪري کيس معذورن جي ڀلائي واري کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي. ناڻي کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري بقار عباس نقوي جي پرڏيهه وڃڻ لاءِ 21 ڏينهن جي موڪل منظورڪئي وئي آهي، چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد سروسز کاتي جي اختيارين پاران نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيا ويا آهن. 

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو