نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت مان هڪ دلچسپ وڊيو سامهون آئي آهي، جنهن ۾ ڪنوار کي شادي تقريب دوران گهوٽ ۽ پنڊت تي چماٽون وسائيندي ڏسي سگهجي ٿو، وڊيو ۾ ڪنوار گهوٽ ۽ پنڊت کي گٽڪو وات مان ڪڍڻ جو چوي پئي، ٻنهي پاران گٽڪو وات مان نه ڪڍڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي ڪنوار پهرين پنڊت ۽ بعد ۾ گهوٽ کي چماٽ وهائي ڪڍي، چماٽ لڳڻ کانپوءِ پنڊت ۽ گهوٽ تقريب مان اٿي وات مان گٽڪو ڪڍي آيا، سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيو تي صارفين پاران دلچسپ تبصرا جاري آهن.
