143

نهر خيام ڪلفٽن جي بهتري تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ نهر خيام جي آسپاس واري پوري علائقي کي خوبصورت بڻايو وڃي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ڪراچي جي ڪمشنر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪندي چيو آهي ته نهر خيام ڪلفٽن جي بهتري تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ نهر خيام جي آسپاس واري پوري علائقي کي خوبصورت بڻايو وڃي. اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪلفٽن ۾ نهر خيام جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي مرتضيٰ وهاب نهر خيام جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ عملدارن کي سيوريج جا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته نهر خيام جي آسپاس ۾ صفائي سٿرائي ڪئي وڃي ۽ ان جاءِ کي شهرين لاءِ بهتر ۽ خوبصورت بڻايو ويندو. مرتضيٰ وهاب هدايت ڪئي ته نهر خيام کي بهتر بنائڻ لاءِ جاري ڪيل  هدايتن تي مڪمل عملدرآمد ڪيو وڃي ۽ تمام ڪمن کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو وڃي. هوڏانهن مرتضيٰ وهاب سان جوبلي ڪلاٿ مارڪيٽ جي متاثر دڪاندارن ملاقات  ڪئي ۽ پنهنجا مسئلا پيش ڪيا. ان موقعي تي مرتضيٰ وهاب متاثر دڪاندان کي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريندي چيو ته جوبلي ڪلاٿ مارڪيٽ ۾ ختم ٿيل دڪانن جي مالڪ کي پنهنجو ڪاروبار ٻيهر شروع ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين. ٻئي پاسي مرتضيٰ وهاب بلديه عظميٰ ڪراچي جي عمارت جي ڇت تي تاريخي ڪلاڪ ٽاور جو پڻ معائنو ڪيو ۽ اتي نصب ڪيل برطانوي دور جي گهڙيال کي درست ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. هن چيو ته ڪي ايم بلڊنگ پاڪستان جي قيام کان اڳ ڪراچي شهر ۾ تعمير ٿيندڙ خوبصورت عمارتن مان هڪ آهي، ان تاريخي عمارت کي ان جي اصل حالت ۾ محفوظ رکڻ ضروري آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو