139

ڏيپلي جي ڏياٽي ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ…!!

ليکڪ: منظور ڪلهوڙو

گلوبل وليج بڻيل اڄ جي جديد، ترقي يافتا ۽ مهذب دنيا جا ملڪ ۽ سماج ان ڳالهھ جي شاهدي ڏئي رهيا آهن ته جن به ملڪن، قومن ۽ سماجن پنهنجي عورتن کي سمورن شعبن ۾ برابري، خودمختياري ۽ آزادي ڏني اڄ اهي ملڪ، قومون ۽ سماج ان جا ثمر حاصل ڪري رهيا آهن، سنڌ جي عورت اڄ به اڻبرابري، خودمختياري، آزادي ۽ پنهنجي حقن جي ڳولائو آهي. جديد سنڌ جي اڏاوت ۾ سنڌي عورت جي ڪرادر کي هاڻي وسارڻ تاريخ جي به وس ۾ نه رهيو آهي، سنڌ جي سماجي بيهڪ ۾ جن جن عورتن بنيادي ڪردار ادا ڪري سنڌي سماج جي عورتن لاءِ اڻانگيون راهون، رستا ۽ پيچرا صاف سٿرا ۽ آسان بڻائي انهن کي تعليم، علم ادب، نوڪرين، ڌنڌن ۽ اڳتي وڌڻ کان وٺي ٻاهرين دنيا تائين پهچ لاءِ آسانيون پيدا ڪري ڏنيون انهن جي عظمتن اڳيان هر باشعور فرد جا سيس نمي پون ٿا، ان عظيم سنڌي عورتن جي رول ماڊل ڪردارن سبب سنڌي عورت جو آواز ڏينهن به ڏينهن سگهارو بڻجي رهيو آهي، سنڌ جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي افق تي لاتعداد سنڌي عورتن جا چهرا چمڪيا آهن، جن مان پروفيسر ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ پڻ هڪ آهي. پروين موسيٰ 20 نومبر 1958ع تي ڏيپلي جهڙي ڏورانهين ۽ وارياسي وطن ۾ جنم ورتو. هن هڪ استاد، عالم، اديب ۽ محقق جي حيثيت ۾ سنڌ جي تخليقي ۽ تحقيقي ادب جي جهول ۾ چوڏهن علمي ادبي ڪتاب ڏنا آهن، جن ۾”سنڌي ادب جو جائزو ۽ لطيفيات“، ”سنڌي نثر جي صنفن جو اڀياس“،”اٿي رائو ريل“، ”سون ورنيون سوڍيون“، ”آديسين ادب آهي اکڙين ۾“،”اخلاقي قدر“، ”وکر سو وهاءِ“،”سنڌي ادب تحقيقي ۽ تنقيدي مطالعو“، ”عالم سڀ آباد ڪرين“،”سنڌي نثر ۾ عورتن جو حصو“،”سنڌي ادب“،”گلدستو“ ٽي تحفا، ”پلئه پايو سچ“شامل آهن. جڏهن ته چوڏهن ڪتاب اڻ ڇپيل اٿس. ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جنهن تخليقي ادب ۾ به پاڻ موکيو آهي، اتي هن تحقيق، تنقيد، لطيفيات ۽ مضمون نگاري ۾ به واهڙ وهايا آهن. ڊاڪٽر پروين موسيٰ 2012ع ۾ ”سنڌي نثر جي ترقيءَ ۾ عورتن جو حصو، تحقيقي اڀياس“ جي موضوع تي پنهنجي ٿيسز لکي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي، هڪ پڙهائيندڙ استاد ئي ڄاڻي ٿو ته شاگردن جون نصابي گهرجون ڪهڙيون آهن ۽ اهي ڪيئن پوريون ڪري سگهجن ٿيون. ڊاڪٽر صاحبه کي اهو چڱيءَ ريت ادراڪ رهيو آهي ته سنڌي نوجوانن کي مقابلي جي امتحانن لاءِ ڪيئن اتساهجي ۽ ڪهڙيءَ ريت ان معاملي ۾ سندن مشڪلون آسان ڪجن جيئن هو ٿوري وقت ۾ بهترين تياري ڪري ڪاميابيءَ جون منزلون ماڻي سگهن، اهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽر پروين سي ايس ايس، پي سي ايس ۽ ليڪچرر سنڌي جي نصاب، انهن جي پرچن ۽ مختلف عنوانن تي پنهنجي علمي، ادبي ۽ شعوري سگھه جي آڌار تي مختلف موضوعن ۽ عنوانن تحت مضمون لکي سنڌي نوجوانن کي هڪ هنڌ بهترين مواد  ڪٺو ڪري ڏئي شاندار رهنمائي ڪئي آهي، ڊاڪٽر پروين جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي پورهئي جي مڃتا جتي اِيڇ اِي سي (هيڪ) ڪئي آهي اتي سنڌي ادبي سنگت، سگا، سنڌي اردو  ادبي فائونڊيشن، ناري سنگت، نيشنل بڪ فائونڊيشن ۽ تعليم کاتي سنڌ پاران ايوارڊ ۽ سندن ساڻ پڻ نوازيو ويو آهي ته ساڳئي وقت ڊاڪٽر صاحبا جون لکڻيون هندستان جي نامور ادبي مخزنن ۾ اهم جاءِ ولارينديون رهن ٿيون، سنڌ جا ناميارا اديب، ڏاها، محقق، ڊاڪٽر پروين موسيٰ جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي پورهئي کي پڙهي مڃتا ڏيڻ کان سواءِ رهي نه سگهيا آهن. سنڌ جو ناميارو اديب، ڪهاڻيڪار ”حميد سنڌي“ ڊاڪٽر پروين جي ڪتاب ”گلدستو“ کي پڙهي لکيو آهي ته ”پروين موسيٰ ڪيترن ئي پڙهيل ڪتابن جو نچوڙ  پنهنجي تخليقي عمل سان پيش ڪيو آهي. پروين موسيٰ جو هيءُ وکر ادبي، علمي ۽ موضوع جي لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ اهم ڪتاب آهي. ناميارو سفرناما نگار ”الطاف شيخ“ لکي ٿو ته ”پروين مسلسل 27 سالن کان سنڌي ادب جي مختلف موضوعن تي لکندي پئي اچي، سندس ڪتاب ”سنڌي ادب جو جائزو“ چٽاڀيٽي جي امتحانن ۽ ڪميشن لاءِ پڙهندڙن لاءِ ڏاڍو لاڀائتو ٿيو. مهتاب اڪبر راشدي لکي ٿي ته” پروين جي مضمونن جو هي مجموعو پيار جو پورهيو ۽ تحقيقي ڪم جو سهڻو مثال آهي. پروين جي ڪتابن مان سندس نيڪ نيتي، شاگردن لاءِ محبت ۽ محنت نمايان آهي.مظهر الحق صديقي لکيو آهي ته” مون کي خوشي آهي ته اسان جا استاد پڙهائڻ سان گڏ پاڻ پڙهڻ ۽ لکڻ جي ڪم کي اولين ترجيع ڏئي رهيا آهن. اها حقيقت آهي ته جيستائين پاڻ پڙهبو ۽ ڪڙهبو نه، تيستائين ٻين کي به ڪجهھ به ڏئي نٿو سگهجي. ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جو شمار اهڙن ئي قابل استادن ۾ ٿئي ٿو، ناميارو محقق، مورخ ڊاڪٽر غلام محمد لاکو چوي ٿو ته”ڊاڪٽر پروين موسيٰ جا لکيل ڪتاب سنڌي زبان جو اهم سرمايو آهن. انهن ڪتابن مان عام پڙهندڙن کان وٺي وڏن اديبن، عالمن جي ڄاڻ لاءِ وڏي جاکوڙ سان ڳچ معلومات هڪ جاءِ تي ڪٺي ڪري ڏني وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو