سنڌيڪار: سرمد جتوئي
افغانستان مان آمريڪي فوج نڪري چڪي آهي، نيڪالي وارو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪابل ايئرپورٽ جي سيڪيورٽي طالبان سنڀالي ورتي آهي، آمريڪا جي افغانستان مان نڪرڻ بابت سڄي دنيا ۾ مختلف قسمن جا رايا ۽ تنقيدون سامهون اچي چڪيون آهن، اسان هتي افغان جنگ ۾ حصو وٺندڙ اڳوڻن فوجين جا ويچار پيش ڪري رهيا آهيون، افغانستان ۾ آمريڪا جي 20 ورهين واري جنگ ۾ 8 لک آمريڪي فوجين حصو ورتو، 2000 کان وڌيڪ آمريڪي فوجي ان جنگ ۾ ماريا ويا ۽ 20 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا، آمريڪا افغانستان ۾ جنگ وڙهڻ ۽ افغانستان جي فوج تيار ڪرڻ تي 822 ارب ڊالر خرچ ڪيا، پر طالبان هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ فتح ڪري ورتو، هتي 4 اهڙن آمريڪي فوجين جن جنگ ۾ حصو ورتو، اهي هن جنگ بابت ڪهڙا خيال رکن ٿا، اهي خيال ڪجهه هن ريت آهن.
جيسن ڪريل: جيسن ڪريل 2010ع ۾ افغانستان جي قنڌار شهر ۾ مقرر هو، هو چوي ٿو ته مون کي لڳي ٿو ته آئون ٽائيٽانڪ فلم جو آخري حصو ڏسي رهيو آهيان، اوهان کي خبر هجي ته جهاز کي ٻڏڻو ئي آهي پر اها خبر نه هجي ته ڪڏهن ۽ ڪيترو جلدي ٻڏڻو آهي ته پوءِ صورتحال وڌيڪ ڏکوئيندڙ ٿي پوي ٿي، هو چوي ٿو ته منهنجي خيال ۾ صدر بائيڊن افغان فوج بابت جيڪو چيو آهي ته اهو سخت ضرور آهي پر سچ آهي، اها ڪا حيرانيءَ جي ڳالهه ناهي ته افغان فوج ايترو جلدي شڪست کاڌي، هو انهن علائقن تي پنهنجو قبضو قائم نه رکي سگهيا هئا جيڪي آمريڪي فوج هڪ ڏهاڪو پهريان سرج کانپوءِ حاصل ڪيا هئا، ان کانپوءِ شهرين جو وارو هو، پهريان ننڍا ۽ پوءِ وڏا، افغان فوجي ان لاءِ مرڻ لاءِ تيار نه هئا، مان انهن کي ڪو الزام نٿو ڏيان، مون کي حيراني صرف ان ڳالهه جي ٿي ته طالبان ڪابل تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ آمريڪين جي اتان نڪرڻ جو انتظار به نه ڪيو، آمريڪا کي اتي ترسڻ ئي نه گهرجي ها، اهو ٿيڻو ئي هو، جڏهن بائيڊن چوي ٿو ته وڌيڪ هڪ سال يا 5 سال افغانستان ۾ ترسڻ کانپوءِ به نتيجا اهي ئي ٿيڻا هئا ته هو بلڪل صحيح ٿو چئي، جنگ ۾ حصو وٺڻ کانپوءِ مون کي اندازو ٿيو ته جنگ ۾ گهڻو ڪجهه اوهان جي وس ۾ ناهي هوندو، آمريڪا کي اتي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين کي به حصو ڏيڻو هو، مثال طور پاڪستان، افغان فوج ۽ مقامي شهري ڪو به هڪ صفحي تي نه هو، اهو منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي ته ان کي ايترو ڊگهو عرصو ڇو جاري رهڻ ڏنو ويو.
مشال ڊنڪلي: مشال ڊنڪلي آمريڪا جي ايئرفورس جو حصو آهي ۽ 2016ع ۾ آمريڪا ۾ مقرر رهي آهي، هوءَ چوي ٿي ته آئون پنهنجي ملڪ جي رويي کان مايوس آهيان، اهو انتهائي افسوسناڪ آهي، مون کي افغانن سان همدردي آهي، خاص ڪري عورتن سان جن کي هڪ ڀيرو ٻيهر طالبان جي ڪاري دور ۾ رهڻو پوندو، ويٽنام کي ڏسو، ڪوريا کي ڏسو، جنگ ڪنهن به قيمت تي وڙهڻ لائق آهي ئي نه، ڇا هيءَ جنگ صحيح هئي؟ ظاهري طور تي ائين نه آهي، طالبان لڪي ويا ۽ انتظار ڪري انهن اسان کي ٿڪائي ڇڏيو، ڇا اسان افغانستان جي فوج جي صلاحيتن جو صحيح اندازو لڳايو هو، منهنجو خيال ناهي ته ائين ڪيو ويو آهي، اسان هيليڪاپٽر پائليٽن کي تربيت ڏني ۽ مبينا طور تي ان جي فوجين جي به تربيت ڪئي پر ظاهري طور تي اسان اهو ڪم سٺي طريقي سان نه ڪيو، منهنجي خيال ۾ نيڪالي مختلف انداز ۾ ٿيڻ گهرجي ها، 2 ڏهاڪا 20 سالن ۾ هڪ نسل تيار ٿي وڃي ٿو، جن نوجوان افغانن سان آئون ملي آهيان، اهي آمريڪي فوج طرف ڏسندا هئا، اهي آمريڪين سان ڪم ڪرڻ گهرندا هئا، سندن زندگي جو معيار سٺو هو، سڀ ڪجهه هليو ويو، ڇا اسان ان کي تبديل ڪري سگهون ٿا، نه، ڇا هي ڊيموڪريٽ بمقابلا ريپبلڪن معاملو آهي؟ نه، ڪنهن وٽ به ڪو منصوبو نه هو، آئون انتهائي مايوس آهيان.
مائيڪ جيسن: مائيڪ جيسن آمريڪي فوج جو رٽائرڊ ڪرنل آهي، هو 24 سالن تائين آمريڪي فوج جو حصو رهيو آهي، هو چوي ٿو ته اهو انتهائي مايوس ڪندڙ آهي، جنهن رفتار سان سڀ ڪجهه ڪري پيو آهي، سمجهه کان ٻاهر آهي، هن چيو ته آئون افغانستان جي فوج جي هڪ سينيئر آفيسر سان رابطي ۾ آهيان، جيڪو لڪل آهي، سندس خاندان به لڪل آهي، اتي زندگي جو بحران آهي، پراڻن فوجين جي لاءِ اهو صحيح نه آهي، اسان جي دوستن جون زندگيون خطري ۾ آهن، اڃا سڀ ڪجهه ختم ناهي ٿيو، اڃا ته ان تي افسوس ڪرڻ جو وقت به نه آهي، آئون هڪ مثاليت پسند شخص آهيان، مون فوج کي ان لاءِ جوائن ڪيو هو ته مون ڪجهه سٺو ڪرڻ چاهيو ٿي، جڏهن نائن اليون ٿيو ته مون ڪجهه ڪرڻ چاهيو ٿي جڏهن اسان افغانستان وياسين ته اها اسان لاءِ هڪ اجنبي تهذيب، اجنبي پر خوبصورت ملڪ ۾ همدردي سان ڪم ڪرڻ جو سبق هو، ان جي جيڪا قيمت ادا ڪئي ڇا اها صحيح هئي؟ ڇا ان ۾ منهنجو ڪردار صحيح هو؟ مان سمجهان ٿو ته مون سٺو ڪم ڪيو آهي، پر هاڻي مون کي هڪ ڀيرو ٻيهر غور ڪرڻ گهرجي، اسان هڪ اهڙي ملڪ ۾ فوج بيهاري جتي فوج هئي ئي نه، هڪ ڀيرو منهنجي هڪ ساٿيءَ چيو هو ته افغان فوج جي حڪومت سان ڪا به وفاداري ناهي، ڇو ته اها ان کي بدعنوان ۽ غيرقانوني سمجهي ٿي. منهنجو ناهي خيال ته جيڪڏهن اتي ٻيا آمريڪي فوجي به موڪليا وڃن ها ته ان سان ڪو فرق پوي ها، آئون نٿو سمجهان ته جنهن شخص به اتي گرائونڊ تي ڪم ڪيو آهي اتي جيڪو ڪجهه ٿيو آهي ان کي ان سان حيراني ٿي هوندي. الميو اهو آهي ته افغانستان ۾ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي چاهين ٿا ته انهن جا ٻار پرامن ماحول ۾ پرورش وٺن، جڏهن اسان اتي هئاسين، انهن ان جو تجربو به ڪيو پر افغانستان ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اوندهه موٽي آئي آهي.
ڪائل هينسن: ڪائل 2006ع کان 2012ع تائين آمريڪي فوج جو حصو رهيو آهي، ان دوران هو افغانستان ۽ عراق ۾ به رهيو آهي، هو چوي ٿو ته منهنجا جذبا بنهه مختلف آهن، مان پنهنجي انهن ساٿين لاءِ ڏکارو آهيان، جن ان مقصد لاءِ زندگيون قربان ڪيون آهن، پر آئون بلڪل به حيران نه آهيان، اسان کي گهڻو اڳ کان افغان رياست ۽ فوج جي بيڪار هجڻ جي ڄاڻ هئي، جڏهن اسان اتان کان آيا هئاسين ته اها خبر هئي ته اهو ئي ڪجهه ٿيندو، آمريڪي سياستدان ان معاملي کي 20 سال اڳتي پوئتي ڪندا رهيا آهن، پر هيءَ جنگ شروع ٿيڻ جي ٿوري ئي عرصي کانپوءِ وڙهڻ جي ڪابل نه رهي هئي. افغان فوج جنهن رفتار سان شڪست قبولي آهي منهنجي لاءِ اها بلڪل به حيران ڪندڙ نه آهي، طالبان کي تياري لاءِ پورو وقت ڏنو ويو، انهن کي تاريخون به ڏنيون ويون، ڇا اسان انهن کي روڪي سگهياسين ٿي؟ منهنجي خيال ۾ اتي وڌيڪ ترسڻ جو ڪو آپشن به هو، پر جهڙي طرح ٽرمپ ۽ بائيڊن فوجون ڪڍڻ جي مرحلي کي منهن ڏنو آهي اهو بي رحم مقامي سياست جو نتيجو اهي، افغانستان جي زميني حقيقتن جي باري ۾ آمريڪي عوام سان سچ ناهي ڳالهايو ويو، جنگ سياست جو هڪ قسم هوندي آهي، اسان جي فوج پوري ڪوشش ڪئي پر اسان جي سياستدانن آمريڪي ۽ افغان عوام کي مايوس ڪيو آهي.