ليکڪ: منظور حسين لاڙڪ
گهڻي وقت کان پاڪستان ۾ وڌندڙ گهريلو تشدد ۽ سماج اندر سماجي تشدد جنهن ۾ عورتن سان ٿيندڙ زيادتين، تشدد ۽ جسماني زيادتين جا واقعا عام ٿيندا پيا وڃن. جيتوڻيڪ حڪومت اهڙن واقعن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سخت قانون اسيمبلين مان پاس ڪرائڻ ۽ انهن تي سختيءَ سان عمل ڪرائڻ ۾ سنجيده آهي پر ان باوجود به اهڙي قسم جي واقعن جي شرح گهٽ ٿيڻ بدران وڌي رهي آهي، پاڪستان ۾ گهريلو تشدد جي وڌندڙ واقعن جي شرح خطرناڪ حد تائين پهتي آهي، ”گلوبل جينڊر گيپ 2021ع“مطابق هن وقت پاڪستان 156 ملڪن ۾ 154 نمبر تي بيٺو آهي، جيڪي نه صرف عالمي سطح تي ڳڻتيءَ جوڳا انگ اکر آهن پر هڪ اسلامي جمهوري ملڪ جي رياست لاءِ اهو چيلينج پڻ آهي، سن 1981ع ۾ عورتن جي حقن ۽ انهن کي جنسي برابري ڏيڻ لاءِ هڪ معاهدي تي دنيا متفق ٿي، ان معاهدي کي Convention on Elimination of all forms of discrimination against women (CEDAW) جو نالو ڏنو ويو. ان معاهدي تحت عورتن کي سماجي، سياسي، خانداني ۽ معاشرتي تحفظ فراهم ڪيو ويو، جنهن تحت قانونسازي ادارن ۾ عورتن لاءِ مخصوص سيٽون، شادي ۽ خانداني معاملن ۾ عورتن کي برابري جو حق ڏيڻ ۽ ان حق کي تسليم ڪرڻ، روزگار ڏيڻ جي معاملن ۾ عورتن کي ترجيح ڏيڻ شامل آهي. مشاهدي ۽ رڪارڊ ۾ اها هڪ اڻ وڻندڙ ۽ ذهن کي تڪليف ڏيڻ واري حقيقت آهي ته عورتن جي حقن خلاف يا انهن سان ناجائزين، تشدد ۽ اڻ برابري جا واقعا نه رڳو انفرادي طور ٿين پيا پر سرڪاري ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي آفيسن کان وٺي پِڙهيل لکيل ۽ پاڻ کي قابل دانشور ۽ لبرل چورائيندڙ فرد پڻ اهڙي قسم جي ڏوھن ۾ ملوث نڪرن ٿا، فيصلو اسان کي ڪرڻو آهي ته عورت جي آزادي ۽ انهن کي ملندڙ قانوني تحفظ، ملڪي ۽ عالمي قانونن تي ڀروسو ڪري پنهنجي ذميواري کان پاڻ کي آجو ڪري خاموش ٿي ويهي رهڻو آهي يا هر اها عورت جيڪا مرد سان ڪنهن نه ڪنهن رشتي ۾ سلهاڙيل آهي ان کي هر قسم جي تحفظ جو يقين ڏياري نظر رکڻي آهي؟ ٿوري دير لاءِ جيڪڏهن اهو سوچي اسان اکيون بند ڪري تجزيو ڪيون ٿا ته اسان عورت جي حقن جي تحفظ لاءِ، تشدد خلاف سخت کان سخت سزائون تجويز ڪرڻ سان گڏ مرد توڙي عورت جي سوچ کي تبديل ڪرڻ لاءِ تعليم، ماحول ۽ تربيت جي اهميت کي نٿا سمجهون ته پوءِ سڀ تدبيرون ناڪام آهن، ماحول کي بهتر ۽ سازگار ڪرڻ لاءِ تعليم سان گڏ تربيت جو هجڻ تمام ضروري آهي، جيڪڏهن مرد سخت سزائن ۽ قانون جي هوندي به پنهنجي گندي سوچ ۽ ڪُڌن ڪمن کان نٿو مڙي يا رڪجي ته ان کي سخت کان سخت سزا ڏيڻ سان گڏ اسان کي يا رياست کي ان ڳالھه تي به سوچڻ لاءِ تحقيق ۽ تدبير ڪرڻ کپندي ته اسان جي عورتن کي به مهذب معاشري ۾ مهذب انداز ۽ ماحول مطابق گهر کان وٺي عوامي هنڌن مثال طور آفيسن، پارڪن، پاڙن، هوٽلن، شاپنگ مال ۽ سفر دوران ڪهڙين ڳالھين، اٿڻ ويهڻ، گهمڻ ڦرڻ ۽ ڪپڙن پائڻ جو خيال رکڻ گهرجي، جيئن ڏينهن ۽ رات ۾، ننڍي ۽ وڏي ۾، پڙهيل ۽ اڻ پڙهيل ۾، بهتر ۽ خراب ۾ هڪ واضح فرق ڪري سگهن، اهڙي طرح مغرب ۽ مشرق جي ماحول، ڪلچر، سوچ ۽ تعليم ۾ پڻ ايڏو ئي فرق آهي جيترو مغرب ۽ مشرق ۾ فرق آهي. اسان مرد هجون يا عورت اسان کي پنهنجي ڀرپاسي جي حقيقتن سان گڏ هلڻو آهي نه ڪي ڌارين جي ماحول سان، سسٽم سان يا انهن جي معاشري سان هلڻو آهي. جڏهن اسان ذهني طرح ان حقيقت کي تسليم ڪريون ته هميشه ترقي انهن رياستن انهن قومن ڪئي آهي جن پنهنجي ماحول کي پنهنجي ريتن، رسمن، سوچ کي ترقي وٺرائي آهي. جڏهن اسان هڪ ٻئي کي عزت ڏيڻ، پنهنجي اولاد پُٽ يا ڌيءَ جي تربيت ڪرڻ سکي وياسون ته پوءِ شايد گهڻين سخت سزائن، مردن کي نامرد ڪرڻ ۽ عورتن تي بري نظر وجهڻ، تشدد ڪرڻ ۽ جنسي هراسمينٽ ڪرڻ وارن قانونن جي به ضرورت نه پوي ۽ معاشرو پاڻ بهتري ڏانهن وڌڻ لڳي.