114

حڪومت پاران عوام لاءِ ڏيڍ رپئي جي خوشخبري…

ايڊيٽوريل

مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجندڙ عوام لاءِ خوشخبري آهي ته حڪومت پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ ڏيڍ رپئي جي گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ گهٽتائي جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، نوٽيفڪيشن مطابق پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو 50 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 118 رپيا 30 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي، ڊيزل جي اگهه ۾ به ڏيڍ رپيو لاٿ ڪري نئين قيمت 115.3 رپيا في لٽر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گاسليٽ جي اگهه ۾ پڻ ڏيڍ رپيو گهٽتائي ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 86 رپيا 80 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ گهٽتائي لاءِ اوگرا طرفان توانائي واري وزارت کي سفارش موڪلي وئي هئي، جنهن ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ ساڍا 3 رپيا في لٽر گهٽتائي جي تجويز ڏني وئي هئي، پيٽروليم ڊويزن جو چوڻ آهي ته نين قيمتن تي اڄ کان عمل شروع ٿي ويندو، واضح رهي ته گذريل مهيني کان پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ هر 15 هين ڏينهن قيمتن ۾ تبديلي ڪئي وڃي ٿي. 2 ڏينهن پهريان اوگرا ٽن سالن کان مسلسل پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ مس مس عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ في لٽر تي ساڍا 3 رپيا اگهه گهٽائڻ جي سمري حڪومت حوالي ڪئي وئي هئي پر حڪومت ساڍا 3 رپيا في لٽر اگهه گهٽائڻ بدران عوام کي رڳو ڏيڍ رپئي جي خوشخبري ڏني آهي، ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي ته موجوده حڪومت جي ٽن سالن ۾ پيٽروليم مصنوعات جي اگهه ۾ تقريبن 56 رپيا في لٽر واڌ ٿي آهي، يعني گذريل حڪومت جي ڇڏيل اگهن جي برابر ٻيا به اگهه وڌيا آهن، ساڳي صورتحال کنڊ، اٽي، گيهه، آئل، دالين ۽ ٻين عام واهپي جي سمورين شين سان آهي، بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ ٽن سالن دوران 34 کان 36 رپيا واڌ ٿي چڪي آهي ۽ ان سڄي صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ جنهن طبقي لوڙيو آهي اهو ڏهاڙيدار، مزدور، هاري، پورهيت ۽ خاص ڪري هيٺئين طبقي جو ماڻهو آهي، جنهن جي هن ملڪ ۾ اڪثريت آهي، ڇو ته پنهنجي ملڪ ۾ غربت جي سطح ته هونئن ئي گهڻي آهي، مڊل ڪلاس رهيو ئي نه آهي، هن ملڪ ۾ رڳو اپر ۽ لوئر ڪلاس موجود آهن، پگهاردار طبقو به مهيني جي پگهار کڻي رڳو دڪانن جا بل ڇڏائي پوتڙو ڇنڊي گهر موٽي ٿو، اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن عوام کي ڪا معمولي خوشخبري ملي  ٿي ته اها يقينن آجيان لائق آهي پر عوام هاڻ رليف جو وڌيڪ حقدار آهي، ڇو ته موجوده حڪمران قيادت عوام کي جيڪي خواب ڏيکاريا هئا، انهن جون تعبيرون سندن اکين ۾ ئي فنا ٿي چڪيون آهن ۽ مهانگائي جو بار کڻي کڻي ملڪ جو هڪ نسل وقت کان اڳ ئي جواني وڃائي چڪو آهي، اهڙي صورتحال ۾ ٽن سالن دوران حڪومت عوام کي جيڪا ڏيڍ رپئي جي خوشخبري ڏني آهي، ان تي به عوام ارهو نه آهي، پر هاڻي مسلسل حڪومت ڏانهن واجهائيندڙ عوام جون اکيون چاهين ٿيون ته انهن ۾ جيڪي حڪمرانن خواب پوکيا هئا اهي مڪمل نه ئي صحيح پر ڪجهه ته انهن جو ڦل به ڏنو وڃي، اسان رڳو اميد ئي ڪري سگهون ٿا ته وري 15 ڏينهن کانپوءِ عوام کي ڏنل اها معمولي خوشي کسڻ بدران ٻيڻي ڪئي ويندي ۽ ائين ٽن سالن دوران بجلي ۽ پيٽرول جا وڌايل اگهه آهستي آهستي گهٽائي گهٽ ۾ گهٽ گذريل حڪومت واري سطح تي ضرور آندا ويندا، جيڪڏهن موجوده حڪمرانن عوام لاءِ ايترو به ڪيو ته يقينن اهي سرخرو ليکبا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو