103

لاهور جي هڪ فيڪٽري ۾ ٻن ڇوڪرين سان مبينه زيادتي، جوابدار فرار، فيڪٽري مالڪ گرفتار





لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ عورتن سان جنسي ڏاڍائي جي واقعن جو سلسلو هن وقت تائين روڪجي نه سڳيون، هڪ کانپوءِ هر آئي ڏينهن هن نه هڪ واقعو پيش اچي رهيو آهي، اڄ به هڪ واقعو لاهور جي گجر پوره علائقي جي هڪ فيڪٽري ۾ پيش آيو،  جتي ٻن ڇوڪرين سان مبينا زيادتي جو انڪشاف ٿيو آهي، پوليس مطابق ٽن جوابدارن ڇوڪرين کي شاهدرا مان اغوا ڪيو ۽ کين گجر پوره کڻي آيا جتي جوابدارن ڇوڪرين کي ڪرول ڪاٽي جي هڪ فيڪٽري ۾ اندو ۽ اتي ڇوڪرين سان مبينه جنسي ڏاڍائي زيادتي ڪئي، پوليس ذرائع جو چوڻ آهي ته واقعي جي فورن بعد جوابدار فرار ٿي ويا پر فيڪٽري مالڪ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، لاهور ۾ هڪ نه هڪ ڏينهن زيادتي جا واقعا پيش اچڻ لڳا، پنجاب پوليس جي ڪارڪردگي تي سوال اوٿڻ لڳا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو