108

ڪي اليڪٽرڪ جا 1400 فيڊر ٽرپ، حيسڪو جون 71 گرڊ اسٽيشن بند، 14ضلعا بجلي کان محروم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ بجلي جي وڏي بريڪ ڊائون سبب شهر جو 80 سيڪڙو علائقو بجلي کان محروم ٿي ويو، ان بابت ٻڌايو ويو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي 1900 مان 1400 فيڊر ٽرپ ٿي ويا، جنهن ڪري شهر جي مختلف علائقن ناظم آباد، نارٿ ناظم آباد، ڪلفٽن، ڊفينس، ايف بي ايريا، گلشن اقبال، گلستان جوهر، صدر، ملير سميت ٻين هنڌن تي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هاءِ ٽرانسميشن لائن ۾ ٽرپنگ سبب ڪراچي کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي ۽ سوين فيڊر بند ٿي ويا. ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ آهي ته نيشنل گرڊ مان ايندڙ 500 ڪي وي جي هاءِ ٽرانسميشن لائن ۾ خرابي ٿي، جنهن سان ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ بجلي فراهمي معطل ٿي. هوڏانهن حيسڪو جي اختيارين جو چوڻ آهي ته حيسڪو ريجن جون به 71 گرڊ اسٽيشنون بند ٿي ويون، جنهن جي نتيجي ۾ مٽياري، ڄامشوري، ٽنڊي الهيار، سانگهڙ، ٽنڊي آدم، بدين، ٿرپارڪر، ٽنڊي محمد خان ۽ ڪوٽڙي ۾ به بجلي فراهمي معطل ٿي وئي. هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄامشوري ۾ اين ٽي ڊڊي سي جي يارڊ تي کنوڻ ڪري، جنهن سبب بجلي معطل ٿي آهي. ذريعن ٻڌايو ته 500 ڪي وي جي يارڊ تي کنوڻ ڪرڻ سان حيسڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي ملڻ ۾ رڪاوٽ پئجي وئي. ذريعن موجب پاور ڊويزن جو چوڻ آهي ته ڄامشوري ۾ اين ٽي ڊي سي جي يارڊ تي کنوڻ ڪرڻ سان سسٽم محفوظ رهيو آهي. ٻي پاسي ڪراچيءَ جي انڊسٽريل ايريا ۾ زوردرار ڌماڪو ٿيڻ سان ڪي اليڪٽرڪ جي سب اسٽيشن  تباهه ٿي  وئي، ان جي ڀر واري آفيس کي باهه پڻ لڳي وئي. سائٽ جي سب اسٽيشن ۾ ٿيل ڌماڪي جو آواز پري تائين ٻڌو ويو، اسٽيشن جون ڀتيون به ڊهي پيون،جڏهن ته  آفيس کي باهه لڳڻ سان سخت نقصان پهتو. ڌماڪي جي ڪارڻ جو پتو پئجي نه سگهيو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو