135

مفاهمت ته ڇا حڪومت سان ڳالهائڻ به نه گهرجي، وقت ڪنهن ضايع ڪيو اهو قوم ڄاڻي ٿي: مريم نواز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ( نواز ) جي نائب صدر مريم نواز حڪومت جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي کي تباهي ۽ بربادي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ايون فيلڊ ريفرنس ۾ عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته موجوده حڪومت کي ٻاهر رکي ٻين جماعتن کي گڏجي ملڪ لاءِ سوچڻ گهرجي. شهباز شريف قومي حڪومت جي نه قومي مفاهمت جي ڳالهه ڪئي، مفاهمت ته پري جي ڳالهه آهي حڪومت سان ڳالهائڻ به نه گهرجي. هن چيو ته ڪنهن ڪنهن جو وقت ضايع ڪيو ۽ ڪنهن ڇا ڪيو اهو پوري قوم ڄاڻي ٿي  اسان کي ٻڌائڻ جي ضرورت نه آهي. هن وقت اسان جي اها ئي ڪوشش هجڻ گهرجي ته حڪومت جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي منصوبن کي روڪيون، ناجائز ۽ مڙهيل حڪومت طرفان جاري احتساب رڳو انتقام آهي. حڪومت اپوزيشن ۽ ميڊيا کي تنگ ڪري رهي آهي، ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي ميڊيا جي زبان بندي جو تسلسل آهي. مريم نواز چيو ته حالتون تبديل ٿي ويون آهن، تمام جلد توهان هر شئي تبديل ٿيل ڏسندئو، جڏهن ضروري ٿيو ته نواز شريف ڏيهه موٽي ايندو. جڏهن(ن) ليگ کي لڳندو ته نوازشريف کي واپس اچڻ گهرجي ته هو واپس ايندو ۽ پارٽي جي اڳواڻي ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو