ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾کير وڌيڪ 20 رپيا مهانگو ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، ڊيري فارمز ايندڙ آچر کان کير جي قيمت ۾20 رپيا واڌ جو اعلان ڪيو آهي، ڊيري اينڊ ڪيٽل فارمز ايسوسيئيشن جو ان حوالي سان اجلاس پڻ ٿيو هو، ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر گل حسن سيٺار چيو ته مال جي چاري ۽ ٻين شين جون قيمتون وڌڻ جي ڪري اگهه وڌائي رهيا آهيون.
