111

عوام عمران خان واري مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏي پيو، ڪجهه ماڻهو مذهب جي آڙ ۾ عورتن کان حق کسڻ گهرن ٿا: پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو

گهوٽڪي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جو عوام عمران خان واري مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏي رهيو آهي. اهڙو اظهار هن سنڌ حڪومت طرفان سنڌ رورل ڊيولپمينٽ پروگرام هيٺ ضلع گهوٽڪي ۽ سکر جي غريب عورتن کي معاشي طور مضبوط ڪرڻ لاءِ غريبي کي گهٽائڻ بابت ”پيپلز پوورٽي ريڊڪشن پروگرام“ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت گهوٽڪي ۽ سکر ضلعن جي مستحق عورتن لاءِ 6 ارب روپين جو پروگرام شروع ڪري رهي آهي. هن پروگرام سان ضلع گهوٽڪي جي هڪ لک خاندانن کي فائدو پهچندو، عورتن کي مختلف ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ سکيا ڏني ويندي. پٺتي پيل علائقن جون غريب عورتون معاشي طور مستحقم ٿي پنهنجي خاندان کي سنڀالينديون. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڀلي ڪهڙي به نالي يا تصوير سان هلي پر اهو پاڪستان پيپلز پارٽي جو نظريو آهي جنهن تي هن وقت به عمل ڪيو پيو وڃي ۽ اسان جي  اهڙي غربت گهٽائڻ واري نظريي کي ورلڊ بينڪ سميت بين الاقوالي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ملڪ جي عورتن کي مضبوط ڪرڻ پاڪستان پيپلز پارٽي جو مشن آهي، اهو ئي سبب آهي ته پ پ  پنهنجي حڪومت دوران پوري ملڪ جي عورتن کي معاشي طور مضبوط ڪرڻ خاطر بينظير انڪم سپورٽ جي نالي سان پروگرام شروع ڪيو جنهن تي ان وقت جي اپوزيشن اڳواڻن تنقيد ڪئي پر پوءِ  جڏهن سندن حڪومتون آيون ته اهي به پ پ جي نظريي کي جاري رکڻ تي مجبور ٿي ويا. ٻنهي پنهنجي پنهنجي دور ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو نالو بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي، هنن سمجهيو ته بينظير جو نالو هٽائي عوام جي دلين مان ڪڍي سگهجي ٿو پر اها انهن جي ڀل آهي. جن کي عوام جو ڪو احساس ئي نه آهي انهن پروگرام جو نالو مٽائي احساس رکي ڇڏيو پر کين خبر هجڻ گهرجي ته بينظير ڀٽو کي ڪنهن به صورت ۾ عوام جي دلين مان نه ٿو ڪڍي سگهجي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڀلي ڪهڙي به نالي يا تصوير سان هلي پر اهو پاڪستان پيپلز پارٽي جو نظريو آهي جنهن تي هن وقت به عمل ڪيو پيو وڃي ۽ اسان جي  اهڙي غربت گهٽائڻ واري نظريي کي ورلڊ بينڪ سميت بين الاقوامي سطح تي تسليم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته عورتن کي مضبوط ڪنداسون ته گهر مضبوط ٿيندا، گهر مضبوط ٿيڻ سان خاندان مضبوط ٿيندا اهڙي ريت صوبا ۽ ملڪ به مضبوط ٿيندو انڪري سندس خواب آهي ته سموري ملڪ جي عورتن جو مستقبل تبديل ڪري سگهجي ته جيئن هو پنهنجي پيرن تي بيهي سک واري زندگي گذاري سگهن، هن چيو ته اسان جي مذهب اسلام عورتن کي حق فراهم ڪيا آهن پر ڪجهه لاشعور ماڻهو مذهب جي آڙ وٺي عورتن کان حق کسڻ چاهن پيا جيڪو سراسر غلط ۽ اسلام جي درس جي ابتڙ آهي، اسين عورتن کي معاشي ۽ سياسي لحاظ سان طاقتور ڪرڻ چاهيون ٿا، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن نثار کهڙي ۽ مراد علي شاهه جي جاءِ تي عورتون ڪم ڪنديون. هڪ عورت ويڙهه ۽ ڪاروبار ڪري سگهي ٿي ته وزيراعظم به ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته مون کان منهنجي امڙ شهيد بينظير ڀٽو کي کسيو ويو پر هي ملڪ جون سموريون عورتون سندس امڙ وانگر آهن جن جي آئون خدمت ڪرڻ گهران ٿو. سنڌ حڪومت پاران  گهوٽڪي ۽ سکر ضلعن جي مستحق عورتن لاءِ 6 ارب روپين جو پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي جنهن سان ڪيترن ئي غريب عورتن کي گهر به ملندا، هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت سرسو ذريعي سنڌ ۾ 23 هزار گهر ٺهرايا آهن جڏهن ته ٻئي طرف 50 لک گهرن جو اعلان ڪندڙ عمران خان هڪ گهر به تعمير نه ڪرايو. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي جي منشور  ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي سوچ هيٺ سنڌ حڪومت 2008 ۾ سرسو سان گڏجي غريبي گهٽائڻ وارو پروگرام شروع ڪيو ويو جنهن هيٺ پهرين مرحلي ۾ شڪارپور، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ ٿرپارڪر جي غريب عورتن کي معاشي طور مضبوط ڪيوويو پروگرام جي ڪاميابي ڏسڻ کان پوءِ 2017 ۾ بدين، خيرپور، سانگهڙ، ميرپور خاص، ٺٽو ۽ عمر ڪوٽ ۾ پروگرام شروع ڪيو ويو، يورپي يونين پروگرام کان متاثر ٿي سهڪار ڪيو، اهڙي ريت ٽنڊو محمد خان، سجاول، مٽياري، ڄامشورو، دادو، لاڙڪاڻو، ٽنڊوالهيار ۾ پڻ پروگرام جي شروعات ڪئي وئي. هن چيو ته شهرن جي ڪچي آبادي سميت رهجي ويل ضلعن ۾ به جلد اهڙو پروگرام شروع ڪري مستحق عورتن کي سندن حق ڏنا ويندا. وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پاران هن وقت تائين 33 ارب روپيا خرچ ڪيا ويا آهن جنهن تحت 13 لک خاندانن کي فائدو پهتو آ جڏهن ته سکر ۽ گهوٽڪي لاءِ 6 ارب روپيا رکي ڇڏيا آهن جنهن هيٺ ٻنهي ضلعن ۾ چار سالن تائين پروگرام جاري رهندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو