اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾افغان صورتحال تي غور،پارليامينٽ گڏيل اجلاس جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس، چيئرپرسن شيري رحمان جي سربراهي ۾ ٿيو، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغانستان جي صورتحال تي اسٽيڊنگ ڪاميٽي جي ميمبرن کي تفصيلي بريفنگ ڏني، ڪاميٽي جي چيئرپرسن شيري رحمان چيو ته افغانستان بابت گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي،پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو وڃي ته جيئن دنيا کي پتو پوي، شاهه محمود قريشي چيو ته طالبان جي بيانن تي عالمي برادري اعتماد جو مظاهرو ڪري، افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ته گهرو ويڙهه وڌندي. هڪ خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي شاهه محمود چيو ته عالمي برادري 90ع واري غلطي نه ورجائي، افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ته دهشتگرد تنظيمون وڌنديون. ان ڪري افغانستان جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. طالبان قيادت جا سامهون ايندڙ بيان حوصلو ڏيندڙ آهن، عالمي برادري ۾ انهن بيانن جي حوالي سان اعتماد جي کوٽ آهي.
117