اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز جي رويي تي عدالت کي ڪاوڙ آئي، جج رمارڪس ڏنا ته ڇو نه ضمانت درخواست رد ڪري ڇڏيون؟رپورٽ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ مريم نواز ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي خلاف ايون فيلڊ ريفرنس جي فيصلي خلاف اپيل جي ٻڌڻي ٿي، مريم نواز دير سان پيش ٿي ۽ هن وڏي آواز ۾ماڻهن کي سلام ڪيو، جنهن تي عدالت ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ سخت رمارڪس پڻ ڏنا، جج رمارڪس ۾ لکيو ته پهريان نيب جي ضمانت خارج ڪرڻ جي درخواست نه ٻڌي رهيا هئاسين،پر هاڻي ٻڌڻي پوندي، جنهن کي اهو پتو ناهي ته عدالت ۾ ڪيئن اچڻو آهي، ان جو تقدس ڪهڙو آهي ته ان جي ضمانت خارج ڇو نه ڪيون؟ جنهن کانپوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 8 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
