121

جھوڪ شريف ۾ پيءُ پنھنجي 15 سالن جي پٽ کي گهٽا ڏيڻ کانپوءِ تيز ڌار اوزار سان ڪهي قتل ڪري ڇڏيو، گرفتاري پيش

جهوڪ شريف (ويب ڊيسڪ) جهوڪ شريف ڀرسان ڳوٺ حاجي پيرو مغل ۾ جوابدار شوڪت مغل پنهنجي 15 سالن جي پٽ شڪيل کي گاھ ڪرڻ بهاني ننڊ مان اٿاري ٻني تي وٺي وڃي گهٽا ڏيڻ کانپوءِ تيز ڌار اوزار سان ڪهي قتل ڪري پاڻ ميرپور بٺورو ٿاڻي تي پيش ٿيو, جهوڪ پوليس پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال ميرپوربٺورو پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او جهوڪ شريف ٻڌايو ته نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته جوابدار جو زهني توازن ٺيڪ ناهي ڪجھ وقت اڳ پاڻ ٻه دفعا زهريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪري چڪو آهي اڄ صبح جوابدار پٽ کي اٿاري گاھ ڪرڻ بھاني ٻني تي وٺي ويو جتي هن گهٽا ڏئي پوء تيز ڌار اوزار سان نينگر کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته ايس ايڇ او ٻڌايو ته اسان جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي تدفين کانپوءِ فريادي ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو، ٻئي طرف جوابدار جهوڪ شريف ٿاڻي ۾ صحافين اڳيان روئيندي چيو ته مون ڪاوڙ ۾ اچي پٽ کي قتل ڪيو آهي هاڻ حد کان وڌيڪ پڇتاءَ آهي مونکي ڦاسي اچڻ کپي ته جئين آئندا ڪو پنهنجي ٻچي کي نه ماري سگهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو