150

عمرڪوٽ ۾ حددخليون ھٽائڻ دوران انتظاميا ۽ واپارين ۾ منھن ماري، ھڪ گرفتار، ٽائر ساڙي ڌرڻو

عمرڪوٽ (ويب ڊيسڪ) عمرڪوٽ شھر ۾ حددخليون ھٽائڻ دوران انتظاميا ۽ واپارين ۾ منھن ماري ٿي پئي، جنھن دوران پوليس ھڪ واپاري پرڪاش مالھي کي گرفتار ڪري کڻي وئي، جڏھن ته واپاري جي گرفتاري خلاف واپارين طرفان ليکراج مالھي، سريش ڪمار، ھرچند راءِ، ھريش ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ۽ ٽائرن کي باھيون ڏئي سخت نعري بازي ڪئي، ڌرڻي سبب مختلف شھرن ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، احتجاج دوران دانھيندي واپاري اڳواڻن چيو ته عمرڪوٽ پوليس حددخليون ھٽائڻ دوران سامان دير سان کڻن ڪري واپاري پرڪاش مالھي کي تشدد ڪري گرفتار ڪري وئي جيڪا اسان واپارين سان وڏو ظلم ٿيو آھي، انتظاميا ڀلي حددخليون ھٽائي انھي لاءِ پلان جوڙي اسان کي ڪوبه اعتراض ڪونھي پر ڪنھن به واپاري کي ائين تشدد ڪري گرفتار ڪرڻ وارو عمل سراسر واپارين سان زيادتي آھي، جنھن جو اسان اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته نوٽيس وٺي واپاري کي تشدد ڪندڙن خلاف ڪارروائي واپارين کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي ۽ گرفتار ٿيل واپاري کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي نه ته شھر ۾ ھڙتال ڪري احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، جڏھن ته حددخليون ھٽائڻ دوران انتظاميه ۽ پوليس ۾ ٿيل منھن ماري تي اسسٽنٽ ڪمشنر غلام حسين ڪانھيون ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان عدالت سڳوري جي حڪم تي حددخليون ھٽائڻ لاءِ شھر ۾ آياسين ۽ سڀني ماڻھن جون حددخليون پئي ھٽايون ته واپارين منھن ماري ڪري ڪم ۾ رڪاوٽ وڌي انھي ڪري اسان في  الحال آپريشن ملتوي ڪري وڃي رھيا آھيون ۽ مامري بابت عدالت کي آگاھ ڪيو ويندو، ٻي طرف شھر ۾ حددخليون ھٽائڻ دوران واپارين ۽ انتظاميا ۾ ٿيل منھن ماري جو ميونسپل ڪميٽي ملازم ۽ حدخلين جي انچارج خالد چوڌري جي فرياد تي 30 واپارين خلاف ڌمڪيون ڏيڻ ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ڪيس ۾ واپاري اڳواڻ ليکراج مالھي، ڪمليش ڪمار، مڪيش، پرڪاش، نريش، دليپ مالھي، ڌرمون، نريش، راڻو سميت 10 نامزد ۽ 20 نامعلوم واپارين سميت 30 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو