ڀان سيدآباد (ويب ڊيسڪ) سيوھڻ ويجھو ڳوٺ ويھڙ شريف وٽ دادو – سيوھڻ لنڪ تي نوابشاھ جي ڳوٺ محمد پناھ لغاري جا رهواسي قلندر لعل شهباز جي درگاھ تي سکان کڻي ويندڙن جي ٽريڪٽر ٽرالي جي هوڪ ٽٽڻ سبب اوندهي ٿئي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ معصوم ٻارڙي ٻن عورتن سميت ٽي ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا، فوتين جي سڃاڻپ حاجاڻي زال رحمت الله لغاري، بنيتا زال ڪريم بخش لغاري ۽ معصوم نينگري سبحانا ڌيءَ شفيع محمد لغاري طور ٿي آهي. جڏهن ته زخمين ۾ سينگار علي، علي نواز، مسمات هوران، مسمات دانيه، نجمه ۽ مسمات بيگم شامل آهن، نينگري باغي ڌي رحمت الله کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه منتقل ڪيو ويو آهي، رات دير سان فوتين جا مڙه نوابشاهه لڳ ڳوٺ منهوڙي روانا ڪيا ويا.
