146

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران او پي ايس تي مقرر جونيئر آفيسرن کي هٽائڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ صحت، مڪاني ادارن، صنعتن سميت سمورن کاتن ۾ او پي ايس تي مقرر ٿيل جونيئر آفيسرن کي هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه صحت، مڪاني ادارن ۽ ٻين کاتن ۾ جونيئر آفيسرن کي او پي ايس جي بنياد تي سينيئر عهدن تي مقرر ڪرڻ خلاف داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. عدالت چيف سيڪريٽري کي 10 ڏينهن اندر او پي ايس تي مقرر آفيسرن کي هٽائڻ بابت رپورٽ پيش جو حڪم ڏنو آهي. عدالت ٽن مهينن اندر صحت کاتي جي ٽيچنگ اسپتالن جي مئنيجمينٽ بورڊز جا رولز پڻ ٺاهڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت ماسٽرز ان پبلڪ هيلٿ ايڊمنسٽريشن (ايم پي ايڇ) جي ڊگري هولڊرز کي ٽيچنگ اسپتالن جي ايم ايس طور مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت اسپتالن جي  انتظامي عهدن لاءِ ڌار ڪيڊر جوڙڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. عدالت هڪ سال اندر  سڄي سنڌ ۾ اسپتالن ۽ بي ايڇ يوز جو تعداد وڌائڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته آبادي جي مطابق صحت مرڪزن کي اپ گريڊ ڪيو وڃي. ان موقعي تي سيڪريٽري  صحت ڊاڪٽر ڪاظم جتوئي چيو ته فيصل ايڌي کي به بورڊ ۾ رکيو ويو آهي جيڪو ڊونر پڻ آهي. هن چيو ته فيصل ايڌي سنڌ حڪومت کي سٽي اسڪين عطئي طور ڏني آهي جنهن تي عدالت چيو ته ان جو مطلب ته سنڌ حڪومت سٽي اسڪين به خريد نه ٿي ڪري سگهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت جونيئر آفيسرن کي اعليٰ عهدن تي ايڪٽنگ ڏيڻ تي سيڪريٽري هيلٿ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي ڪهڙو مذاق لڳايو  آهي؟ جڏهن سينيئر آفيسر موجود آهن ته پوءِ جونيئر آفيسرن کي ايڪٽنگ چارج ڇو ڏني وئي آهي؟ جسٽس صلاح الدين پنهور رمارڪس ڏيندي چيو ته اسپتالن جا ايم ايس ڪنهن کي جوابداه هوندا آهن؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل چيو ته ايم ايس سيڪريٽري هيلٿ کي موجوده هوندا آهن. عدالت چيو ته ايم ايس جڏهن سيڪريٽري هيلٿ کي جوابده آهن ته پوءِ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسرز جو ڇا رول آهي؟ عدالت چيو ته ايم ايس سيڪريٽري صحت کان سڌي ريت بجيٽ رليز ڪرائين ٿا ۽ ڊي ايڇ او کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي. جسٽس صلاح الدين پنهور رسرڪاري وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪالهه اسان جي عدالتي ۾ هڪ سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿيو هو ۽ ان جيڪو جواب عدالت ۾ جمع ڪرايو هو اهو اوهان پڙهيو، جنهن آفيسر کي جواب لکڻ نه ٿو اچي اهو ڪهڙو ڪم ڪندو؟.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو