119

ڪراچي ايڊمنسٽريٽر پاران ڪي ايم سي جي ٻن قراردادن جي منظوري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2021ع تحت حاصل اختيارن کي استعمال ڪندي ڪي ايم سي جون ٻه اهم قراردادن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تحت ڪراچي ۾ قائم تمام صنعتي ۽ تجارتي مرڪزن ۾ 30 ڏينهن اندر فائر سيفٽي انتظامن کي يقيني بڻائڻو پوندو ٻي صورت ۾ انهن صنعتي يونٽس ۽ تجارتي مرڪزن خلاف سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع تحت ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻي قرارداد تحت شهر جي اهم شاهراهن تي واقع عمارتن جي 180 ڏينهن ۾ سارسنڀال، مرمت مڪمل ڪرڻ جو پابند ڪيو ويو آهي جنهن ۾ دير جي صورت ۾ سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع تحت مالڪن خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ۾ ڪيترن ئي صنعتي ۽ تجارتي مرڪزن ۾ بلڊنگ ٽائون پلاننگ ريگوليشن 2002 ۽ فائر سيفٽي پروويزن 2016 تحت عمارت کي باهه کان محفوظ بنائڻ جي طريقي تي عمل نه پيو ڪيو وڃي ۽ حفاظتي انتظام نه هئڻ سبب صنعتي علائقن ۾ جان ليوا حادثا پيش ايندا آهن جن جو خاتمو ڪرڻ لاءِ اهي قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ڪي ايم سي جو اهم ڪم ڪراچي جي حوالي سان قانونسازي ڪرڻ به آهي، ان اهم ڪم کي هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي ۽ ان ڏس ۾ ڪي ايم سي ٻه قراردادون منظور ڪيون آهن جن کي سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع تحت قانوني شڪل حاصل آهي. انهن قراردادن تحت ڪراچي ۾ جيترا به ڪمرشل مرڪز ۽ صنعتي ادارا آهن انهن ۾ باهه لڳڻ کان حفاظت لاءِ ضروري اوزار نصب هئڻ ۽ عمارت جي اندر فائر يگزٽ بڻائڻ لازمي هونديو جنهن لاءِ انهن سمورن ڪمرشل ۽ صنعتي علائقن کي 30 ڏينهن جو وقت ڏنو ويو آهي ان مدي دوران پنهنجي پنهنجي بلڊنگز ۽ ڪمرشل سينٽرز جي اندر انهن سمورين شين جي دستيابي يقيني بڻائي وڃي جڏهن ته لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر کي اهو ڪم سونپيو ويو آهي ته هو پنهنجي حدن ۾ واقع تمام فيڪٽرين جو معائنو ڪن ته جيئن ان ڳالهه جي تصديق ڪري سگهجي ته اتي باهه وسائڻ لاءِ گهربل اوزار موجود آهن ۽ ايمرجنسي جي صورت ۾ ٻاهر نڪرڻ لاءِ رستو موجود آهي، جيڪا فيڪٽري ان جي خلاف ورزي ڪندي ان خلاف سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع تحت قانوني ڪارروائي ڪري سگهبهي. هن چيو ته ٻي قرارداد جيڪا ڪي ايم سي منظور ڪئي آهي اها ڪراچي جي اهم شاهراهن تي واقع عمارت جي سارسنڀال ۽ مرمت بابت آهي انهن شاهراهن ۾ شاهراه فيصل، شاهراه پاڪستان، ابن سينا روڊ، راشد منهاس روڊ، شير شاهه سوري روڊ، عبدالله هارون روڊ، سر شاهه سيلمان روڊ ۽ ايس ايس توفيق روڊ شامل آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو