145

ڪراچي ۾ رينجرز ۽ پوليس جي گڏيل ڪارروائي، ٽارگيٽ ڪلر گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي منگهو پير واري علائقي ۾ رينجرز ۽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري اي ايس اءِ اڪرم خان جي قتل ۾ ملوث ٽارگيٽ ڪلر محمد آصف عرف ڀايا کي گرفتار ڪري ورتو. رينجرز ترجمان موجب جوابدار 28 آگسٽ تي منگهو پير ٿاڻي ۾ انويسٽيگيشن آفيسر طور مقرر ايس ايس آءِ اڪرم خان جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث آهي. جوابدار جي گرفتاري سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان عمل ۾ آندي وئي جنهن ۾ جوابدار کي شهيد اي ايس آءِ اڪرم خان تي فائرنگ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. ترجمان موجب پڇا ڳاڳا دوران جوابدار اي ايس آءِ اڪرم خان جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو اعتراف ڪيو آهي. جوابدار وڌيڪ انڪشاف ڪيو آهي ته هو ۽ سندس ساٿي محمد شاهين عرف بهاري ڪيترائي ڀيرا جيل به وڃي چڪا آهن ۽ سندن خلاف ڪراچي جي مختلف ٿاڻن تي ڪيتريون ئي ايف آءِ آرز به داخل ٿيل آهن. ترجمان موجب جوابدار جي ساٿي شاهين عرف بهاري جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جڏهن ته گرفتار جوابدار کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو