راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ٽوڪيو اولمپڪس ۾شرڪت ڪندڙ رانديگرن ملاقات ڪئي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڪستاني نمائندگي ڪندڙ رانديگرن جي ڪوششن کي ساراهيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف چيو ته اولمپڪس ۾توهان جي شرڪت پاڪستاني قوم خاص ڪري نوجوانن کي متاثر ڪيو آهي، عالمي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي سموري قوم جي لاءِ فخر جوڳي آهي. پاڪ فوج هميشه راندين جي حمايت ڪئي آهي. آرمي چيف رانديگرن کي مستقبل جي ڪوششن ۾پاڪ فوج جي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو، ان موقعي تي رانديگرن ارشد نديم، طلحهٰ طالب، محمد خليل اختر، سپاهي گلفام جوزف آرمي چيف جو ٿورو ادا ڪيو.
