فائرنگ 120

اوٻاوڙو ويجھو جوابدار پنھنجي نوجوان ڀيڻ کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو

اوٻاوڙو (ويب ڊيسڪ) اوٻاوڙو ۾ رت جي رشتن کي باھ رانوتي ٿاڻي جي حد ڳوٺ واحد بخش ڪوش ۾ ڀاءُ جوابدار اربيلو ڪوش پنهنجي نوجوان ڀيڻ مسمات فاطمه ڪوش کي گوليون هڻي موقعي تي قتل ڪري فرار ٿي ويو، جڏهن ته اهڙي اطلاع ملڻ تي رانوتي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي قتل ٿيل ناري جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو پھچايو جتي ليڊي ڊاڪٽر نه هجڻ ڪري لاش ٽن ڪلاڪن تائين اسپتال ۾ پيل رھيو، ٽن ڪلاڪن کان پوء ناري جو لاش پوسٽ مارٽم لاء ڏهرڪي منتقل ڪيو ويو ناري جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گھر  پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي رانوتي پوليس ٻڌايو ته اسان وڌيڪ  جانچ ڪري رهيا آهيون جوابدار کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. ھوڏانھن علائقي ۾ ناري کي ڪارنھن الزام ھيٺ قتل ڪرڻ جا چوٻول آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو